١١ آيتون
الْمُنَافِقُوْنَالمنافقون (منافق ماڻھو)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِذَا جَآءَكَ الْمُنٰفِقُوْنَ قَالُوْا نَشْهَدُ اِنَّكَ لَرَسُوْلُ اللّٰهِ١ۘ
(اي نبي!) جڏهن منافق تو وٽ اچن ٿا چَوَن ٿا ته: ”اسان شاهدي ڏيون ٿا
وَ اللّٰهُ یَعْلَمُ اِنَّكَ لَرَسُوْلُهٗ١ؕ وَ اللّٰهُ یَشْهَدُ اِنَّ
ته بيشڪ تون الله جو رسول آهين.“ ۽ (هائو) الله ڄاڻي ٿو ته بيشڪ تون
الْمُنٰفِقِیْنَ لَكٰذِبُوْنَۚ۱
ضرور ان جو رسول آهين. ۽ الله شاهدي ڏئي ٿو ته بلاشڪ منافق ڪوڙا آهن.
اِتَّخَذُوْۤا اَیْمَانَهُمْ جُنَّةً فَصَدُّوْا عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ١ؕ اِنَّهُمْ
انهن پنهنجي قسمن کي ڍال بنائي ورتو آهي پوءِ اُهي (ٻين کي) الله جي
سَآءَ مَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ۲
رستي کان روڪن ٿا. بيشڪ اهو نهايت بڇڙو (ڪم) آهي جيڪو اُهي ڪن ٿا.
ذٰلِكَ بِاَنَّهُمْ اٰمَنُوْا ثُمَّ كَفَرُوْا فَطُبِعَ عَلٰى قُلُوْبِهِمْ فَهُمْ
اُهو هن ڪري ته انهن (زبان سان) ايمان آندو پوءِ (دل سان) ڪافر رهيا
لَا یَفْقَهُوْنَ۳
پوءِ انهن جي دلين تي مُهر لڳائي وئي سو اُهي نه ٿا سمجهن.
وَ اِذَا رَاَیْتَهُمْ تُعْجِبُكَ اَجْسَامُهُمْ١ؕ وَ اِنْ یَّقُوْلُوْا تَسْمَعْ
۽ جڏهن تون کين ڏسندين ته تو کي انهن جا جسم شاندار لڳندا. ۽ جيڪڏهن ڳالھ ٻولھ ڪندا