٥٠ آيتون
الْمُرْسَلٰتِالمرسلات (گُھلندڙ هوائون)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
وَ الْمُرْسَلٰتِ عُرْفًاۙ۱
قسم آهي (نرم ۽ خوشگوار) هڪ ٻئي پٺيان گُهلندڙ (هوائن) جو.
فَالْعٰصِفٰتِ عَصْفًاۙ۲
پوءِ قسم آهي طوفاني رفتار سان هلندڙ (هوائن) جو.
وَّ النّٰشِرٰتِ نَشْرًاۙ۳
پوءِ (ڪڪرن کي) پکيڙڻ وارين (هوائن) جو.
فَالْفٰرِقٰتِ فَرْقًاۙ۴
پوءِ (ڪڪرن کي) جدا ڪرڻ وارين (هوائن) جو قسم.
فَالْمُلْقِیٰتِ ذِكْرًاۙ۵
پوءِ نصيحت (وحي) پهچائڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.
عُذْرًا اَوْ نُذْرًاۙ۶
جا (وحي) عذر وڃائڻ لاءِ يا ڊيڄارڻ لاءِ (هوندي آهي).
اِنَّمَا تُوْعَدُوْنَ لَوَاقِعٌؕ۷
ته جنهن (قيامت) جو توهان کي وعدو ڏنو وڃي ٿو سا ضرور ٿيڻ واري آهي.
فَاِذَا النُّجُوْمُ طُمِسَتْۙ۸
پوءِ جڏهن ستارا بي نور ٿي ويندا.