٣٦ آيتون
الْمُطَفّفِيْنَالمطففين (ماپ ۽ تور کٽائڻ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
وَیْلٌ لِّلْمُطَفِّفِیْنَۙ۱
بربادي آهي ماپ تور ۾ کوٽ ڪرڻ وارن جي لاءِ.
الَّذِیْنَ اِذَا اكْتَالُوْا عَلَى النَّاسِ یَسْتَوْفُوْنَ٘ۖ۲
جيڪي جڏهن ماڻهن کان ماپي وٺن ٿا ته (انهن کان) پورو وٺن ٿا.
وَ اِذَا كَالُوْهُمْ اَوْ وَّ زَنُوْهُمْ یُخْسِرُوْنَؕ۳
۽ جڏهن انهن کي ماپي يا توري ڏين ٿا ته گهٽائي ڏين ٿا.
اَلَا یَظُنُّ اُولٰٓىِٕكَ اَنَّهُمْ مَّبْعُوْثُوْنَۙ۴
ڇا اُهي هن ڳالھ جو خيال نه ٿا رکن ته اِهي مرڻ بعد جيئرا ڪري اٿاريا ويندا.
لِیَوْمٍ عَظِیْمٍۙ۵
هڪ وڏي ڏينهن لاءِ.
یَّوْمَ یَقُوْمُ النَّاسُ لِرَبِّ الْعٰلَمِیْنَؕ۶
جنهن ڏينهن (سڀ) ماڻهو جهانن جي پالڻهار جي اڳيان بيهندا.
كَلَّاۤ اِنَّ كِتٰبَ الْفُجَّارِ لَفِیْ سِجِّیْنٍؕ۷
خبردار! بيشڪ بدڪارن جو اعمال نامو سجين (قيدخاني) ۾ هوندو.
وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا سِجِّیْنٌؕ۸
۽ تو کي ڪنهن ڄاڻايو ته سجين ڇا آهي؟