٥ آيتون
الْقَدْرِالقدر (وڏي شان واري)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِنَّاۤ اَنْزَلْنٰهُ فِیْ لَیْلَةِ الْقَدْرِۚۖ۱
بيشڪ اسان ان (قرآن) کي وڏي شان واري رات ۾ نازل ڪيو.
وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا لَیْلَةُ الْقَدْرِؕ۲
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته وڏي شان واري رات ڇا آهي؟
لَیْلَةُ الْقَدْرِ١ۙ۬ خَیْرٌ مِّنْ اَلْفِ شَهْرٍؕؔ۳
قدر واري رات هڪ هزار مهينن کان ڀلي آهي.
تَنَزَّلُ الْمَلٰٓىِٕكَةُ وَ الرُّوْحُ فِیْهَا بِاِذْنِ رَبِّهِمْ١ۚ مِنْ كُلِّ
ان ۾ پنهنجي پالڻهار جي حڪم سان ملائڪ روح
اَمْرٍۙۛ۴
(الامين جبريل) لهندا آهن هر ڪم جي واسطي.
سَلٰمٌ١ۛ۫ هِیَ حَتّٰى مَطْلَعِ الْفَجْرِ۠۵
اها رات سلامتي واري آهي پِرھ ڦُٽيءَ تائين.