٥٢ آيتون
الْقَلَمِالقلم (لکڻ جو اوزار)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
نٓ وَ الْقَلَمِ وَ مَا یَسْطُرُوْنَۙ۱
نون (اِهو حروف مقطعات منجهان آهي ان جي معنيٰ الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا) قسم آهي قلم جو، قسم آهي ان (لکت) جو جيڪا لکڻ وارا (ملائڪ) لکن ٿا.
مَاۤ اَنْتَ بِنِعْمَةِ رَبِّكَ بِمَجْنُوْنٍۚ۲
تون پنهنجي پالڻهار جي فضل سان (هرگز) مجنون نه آهين.
وَ اِنَّ لَكَ لَاَجْرًا غَیْرَ مَمْنُوْنٍۚ۳
۽ بيشڪ تو لاءِ نه کٽندڙ اجر آهي.
وَ اِنَّكَ لَعَلٰى خُلُقٍ عَظِیْمٍ۴
۽ بيشڪ تون زبردست اخلاق تي فائز آهين.
فَسَتُبْصِرُ وَ یُبْصِرُوْنَۙ۵
پوءِ جلد تون به ڏسندين اُهي به ڏسندا.
بِاَىیِّكُمُ الْمَفْتُوْنُ۶
ته اوهان مان ڪير جنون ۾ مبتلا آهي.
اِنَّ رَبَّكَ هُوَ اَعْلَمُ بِمَنْ ضَلَّ عَنْ سَبِیْلِهٖ١۪ وَ هُوَ اَعْلَمُ
بيشڪ تنهنجو پالڻهار ان شخص کي چڱي طرح ڄاڻڻ وارو آهي جيڪو سندس رستي کان ڀٽڪي
بِالْمُهْتَدِیْنَ۷
ويو ۽ اُهو سڌي رستي تي هلڻ وارن کي به چڱي طرح ڄاڻڻ وارو آهي.