٨٨ آيتون
الْقَصَصِالقصص (واقعات)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
طٰسٓمّٓ۱
طا سين ميم (هي حروفِ مقطعات آهن هنن جو اصل راز الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا)
تِلْكَ اٰیٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِیْنِ۲
هي پڌري ڪتاب جون آيتون آهن.
نَتْلُوْا عَلَیْكَ مِنْ نَّبَاِ مُوْسٰى وَ فِرْعَوْنَ بِالْحَقِّ لِقَوْمٍ
(اي نبي!) اسان تو کي موسيٰ ۽ فرعون جو صحيح واقعو پڙهي
یُّؤْمِنُوْنَ۳
ٻڌايون ٿا ان قوم (جي فائدي) لاءِ جيڪي ايمان رکن ٿا.
اِنَّ فِرْعَوْنَ عَلَا فِی الْاَرْضِ وَ جَعَلَ اَهْلَهَا شِیَعًا
بيشڪ فرعون زمينِ (مصر) ۾ وڏائي ڪئي ۽ اتان جي رهواسين کي ان ٽولن ۾ ورهائي ڇڏيو
یَّسْتَضْعِفُ طَآىِٕفَةً مِّنْهُمْ یُذَبِّحُ اَبْنَآءَهُمْ وَ یَسْتَحْیٖ
انهن مان هڪ جماعت (يعني بني اسرائيل) کي ڪمزور ڪري انهن جي پُٽن کي ڪُٺائين پئي
نِسَآءَهُمْ١ؕ اِنَّهٗ كَانَ مِنَ الْمُفْسِدِیْنَ۴
۽ انهن جي عورتن کي زنده ڇڏيائين پئي. بيشڪ اُهو فساد برپا ڪرڻ وارن مان هيو.
وَ نُرِیْدُ اَنْ نَّمُنَّ عَلَى الَّذِیْنَ اسْتُضْعِفُوْا فِی الْاَرْضِ وَ
۽ اسان چاهيو ته انهن ماڻهن تي احسان ڪيون جن کي زمين ۾ ڪمزور ڪري