٤٠ آيتون
الْقِيَامَةِالقيامة (اٿي بيھڻ (وارو ڏينھن)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
لَاۤ اُقْسِمُ بِیَوْمِ الْقِیٰمَةِۙ۱
آءٌ قسم ٿو کڻان اٿي بيهڻ واري ڏينهن جو.
وَ لَاۤ اُقْسِمُ بِالنَّفْسِ اللَّوَّامَةِؕ۲
۽ آءٌ قسم کڻان ٿو ملامت ڪرڻ واري نفس جو. (ته قيامت ضرور ايندي)
اَیَحْسَبُ الْاِنْسَانُ اَلَّنْ نَّجْمَعَ عِظَامَهٗؕ۳
ڇا انسان هي خيال ڪري ٿو ته اسان ان جون هڏيون گڏ نه ڪري سگھنداسين؟
بَلٰى قٰدِرِیْنَ عَلٰۤى اَنْ نُّسَوِّیَ بَنَانَهٗ۴
ڇو نه! اسان ته ان تي به قادر آهيون جو ان جي آڱرين جي جوڙن ۽ پورن کي (نئين سِر) برابر ڪيون.
بَلْ یُرِیْدُ الْاِنْسَانُ لِیَفْجُرَ اَمَامَهٗۚ۵
بلڪه انسان چاهي ٿو ته پنهنجي آئنده (واري زندگيءَ) ۾ به گناھ ڪندو رهي.
یَسْـَٔلُ اَیَّانَ یَوْمُ الْقِیٰمَةِؕ۶
پڇي ٿو ته: ”قيامت جو ڏينهن ڪڏهن ٿيندو“؟
فَاِذَا بَرِقَ الْبَصَرُۙ۷
پوءِ جڏهن اکيون کيريون ٿي پونديون.
وَ خَسَفَ الْقَمَرُۙ۸
۽ چنڊ کي گرهڻ لڳي پوندو.