٩٦ آيتون
الْوَاقِعَةِالواقعة (قيامت)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِذَا وَقَعَتِ الْوَاقِعَةُۙ۱
جڏهن واقع ٿيڻ واري (قيامت) واقع ٿي پوندي.
لَیْسَ لِوَقْعَتِهَا كَاذِبَةٌۘ۲
ته ان جي واقع ٿي پوڻ کي ڪو ڪوڙو چوڻ وارو نه هوندو.
خَافِضَةٌ رَّافِعَةٌۙ۳
اها (ڪنهن کي) هيٺ ڪرڻ واري، (ته ڪنهن کي) مٿي ڪرڻ واري هوندي.
اِذَا رُجَّتِ الْاَرْضُ رَجًّاۙ۴
جڏهن زمين لرزائي ويندي سخت لرزڻ.
وَّ بُسَّتِ الْجِبَالُ بَسًّاۙ۵
۽ جبل ذرا ذرا ڪيا ويندا.
فَكَانَتْ هَبَآءً مُّنْۢبَثًّاۙ۶
پوءِ اهي پوءِ سنهي پکڙيل ڌوڙ وانگر ٿي پوندا.
وَّ كُنْتُمْ اَزْوَاجًا ثَلٰثَةًؕ۷
۽ توهان (ان وقت) ٽي گروھ ٿي پوندؤ.
فَاَصْحٰبُ الْمَیْمَنَةِ١ۙ۬ مَاۤ اَصْحٰبُ الْمَیْمَنَةِؕ۸
پوءِ (پهريان) ساڄي پاسي وارا ڇا ته ساڄي پاسي وارا هوندا.