٤٠ آيتون
النَّبَاِالنباِ (خبر)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
عَمَّ یَتَسَآءَلُوْنَۚ۱
اِهي ڇا جي باري ۾ پڇن ٿا؟
عَنِ النَّبَاِ الْعَظِیْمِۙ۲
تمام وڏي خبر جي باري ۾.
الَّذِیْ هُمْ فِیْهِ مُخْتَلِفُوْنَؕ۳
جنهن بابت اِهي اختلاف ڪن ٿا.
كَلَّا سَیَعْلَمُوْنَۙ۴
خبردار! سِگهو اِهي ڄاڻي وٺندا.
ثُمَّ كَلَّا سَیَعْلَمُوْنَ۵
وري خبردار جلد اِهي ڄاڻي وٺندا.
اَلَمْ نَجْعَلِ الْاَرْضَ مِهٰدًاۙ۶
ڇا اسان زمين کي وڇاڻو نه بنايو آهي؟
وَّ الْجِبَالَ اَوْتَادًا۪ۙ۷
۽ جبلن کي (زمين جون) ميخون بنايو آهي؟
وَّ خَلَقْنٰكُمْ اَزْوَاجًاۙ۸
۽ اسان اوهان کي (مردن ۽ عورتن جي) جوڙن ۾ پيدا ڪيو آهي.