١٢٨ آيتون
النَّحْلِالنحل (ماکيءَ جي مک)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَتٰۤى اَمْرُ اللّٰهِ فَلَا تَسْتَعْجِلُوْهُ١ؕ سُبْحٰنَهٗ وَ تَعٰلٰى عَمَّا
الله جو حڪم اچي ويو پوءِ اوهان ان جي جلد اچڻ جي گهُر نه ڪيو.
یُشْرِكُوْنَ۱
اهو پاڪ آهي ۽ انهن کان مٿاهون آهي جن کي (سندس) شريڪ ڪن ٿا.
یُنَزِّلُ الْمَلٰٓىِٕكَةَ بِالرُّوْحِ مِنْ اَمْرِهٖ عَلٰى مَنْ یَّشَآءُ مِنْ
اهو ملائڪن کي وحي ڏئي پنهنجي حڪم سان موڪلي ٿو پنهنجي ٻانهن مان جنهن تي چاهي (هن
عِبَادِهٖۤ اَنْ اَنْذِرُوْۤا اَنَّهٗ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّاۤ اَنَا فَاتَّقُوْنِ۲
لاءِ) ته (ماڻهن کي) ”خبردار ڪيو ته مون کان سواءِ ڪو معبود ناهي پوءِ مون کان ڊڄو“.
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ بِالْحَقِّ١ؕ تَعٰلٰى عَمَّا یُشْرِكُوْنَ۳
ان آسمانن ۽ زمين کي حق سان پيدا ڪيو آهي. اهو مٿاهون آهي ان کان جيڪو شرڪ ڪن ٿا.
خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ نُّطْفَةٍ فَاِذَا هُوَ خَصِیْمٌ مُّبِیْنٌ۴
ان انسان کي نطفي مان پيدا ڪيو پوءِ اُهو پڌرو جهڳڙالو بنجي پيو.
وَ الْاَنْعَامَ خَلَقَهَا١ۚ لَكُمْ فِیْهَا دِفْءٌ وَّ مَنَافِعُ وَ مِنْهَا
۽ ان چوپايا پيدا ڪيا، جن ۾ اوهان لاءِ گرم لباس آهي
تَاْكُلُوْنَ۪۵
۽ (گھڻا) فائدا آهن ۽ انهن مان ڪن کي کائو ٿا.