٦٢ آيتون
النَّجْمِالنجم (ستارو)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
وَ النَّجْمِ اِذَا هَوٰىۙ۱
ستاري جو قسم جڏهن لٿو.
مَا ضَلَّ صَاحِبُكُمْ وَ مَا غَوٰىۚ۲
توهان جو ساٿي نه (ڪڏهن) ڀُليو آهي ۽ نه (ڪڏهن) واٽ ڇڏي هليو آهي.
وَ مَا یَنْطِقُ عَنِ الْهَوٰىؕ۳
۽ اهو (پنهنجي) خواهش سان نه ٿو ڳالهائي.
اِنْ هُوَ اِلَّا وَحْیٌ یُّوْحٰىۙ۴
اها ته رڳو هڪ وحي آهي جا (ان ڏانهن) موڪلي وڃي ٿي.
عَلَّمَهٗ شَدِیْدُ الْقُوٰىۙ۵
ان کي زبردست قوتن واري سيکاريو آهي.
ذُوْ مِرَّةٍ١ؕ فَاسْتَوٰىۙ۶
جو وڏي حڪمت وارو آهي پوءِ اهو سامهون ٿي بيٺو.
وَ هُوَ بِالْاُفُقِ الْاَعْلٰىؕ۷
۽ اُهو سڀ کان مٿئين بلند ڪناري تي هيو.
ثُمَّ دَنَا فَتَدَلّٰىۙ۸
پوءِ ويجهو ٿيو پوءِ خوب لهي آيو.