٩٣ آيتون
النَّمْلِالنمل (ماڪوڙِي يا ڪِوِلِي)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
طٰسٓ١۫ تِلْكَ اٰیٰتُ الْقُرْاٰنِ وَ كِتَابٍ مُّبِیْنٍۙ۱
طا سين (هي حروف مقطعات آهن جن جو اصلي مطلب الله ۽ ان جو رسول الله ﷺ ڄاڻن ٿا) هي آيتون قرآن ۽ روشن ڪتاب جون آهن.
هُدًى وَّ بُشْرٰى لِلْمُؤْمِنِیْنَۙ۲
هدايت ۽ خوشخبري آهن ايمان وارن لاءِ.
الَّذِیْنَ یُقِیْمُوْنَ الصَّلٰوةَ وَ یُؤْتُوْنَ الزَّكٰوةَ وَ هُمْ
جيڪي نماز قائم رکن ٿا ۽ زڪواة ڏين ٿا ۽ اُهي
بِالْاٰخِرَةِ هُمْ یُوْقِنُوْنَ۳
ئي آهن جيڪي آخرت تي (به پورو) يقين رکن ٿا.
اِنَّ الَّذِیْنَ لَا یُؤْمِنُوْنَ بِالْاٰخِرَةِ زَیَّنَّا لَهُمْ اَعْمَالَهُمْ
بيشڪ اُهي ماڻهو جيڪي آخرت تي ايمان نه ٿا رکن انهن کي اسان
فَهُمْ یَعْمَهُوْنَؕ۴
سندن ڪرتُوت خوشنما ڪري ڏيکاريا آهن پوءِ اُهي (گمراهي ۾) ڀٽڪندڙ آهن.
اُولٰٓىِٕكَ الَّذِیْنَ لَهُمْ سُوْٓءُ الْعَذَابِ وَ هُمْ فِی الْاٰخِرَةِ هُمُ
اِهي اُهي ماڻهو آهن جن لاءِ بڇڙو عذاب آهي
الْاَخْسَرُوْنَ۵
۽ اُهي ئي آخرت ۾ گهڻي نقصان وارا آهن.