٤٦ آيتون
النَّازِعَاتِالنازعات (ڇِڪيندڙ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
وَ النّٰزِعٰتِ غَرْقًاۙ۱
قسم آهي (ڪافرن جو ساھ) سختيءَ سان ڇڪي ڪڍڻ وارن (ملائڪن) جو.
وَّ النّٰشِطٰتِ نَشْطًاۙ۲
(۽ مؤمنن جو ساھ) آهستگي سان ڪڍي وڃڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.
وَّ السّٰبِحٰتِ سَبْحًاۙ۳
۽ تيز ترڻ وارن (فرشتن) جو قسم.
فَالسّٰبِقٰتِ سَبْقًاۙ۴
پوءِ ڊوڙي اڳتي وڌڻ وارن جو قسم.
فَالْمُدَبِّرٰتِ اَمْرًاۘ۵
پوءِ (ڪائنات جي معاملن ۾) ڪم جي تدبير ڪرڻ وارن (ملائڪن) جو قسم.
یَوْمَ تَرْجُفُ الرَّاجِفَةُۙ۶
جنهن ڏينهن (هر) متحرڪ شيءِ شديد لرزش ۾ اچي ويندي.
تَتْبَعُهَا الرَّادِفَةُؕ۷
پويان اچڻ وارو هڪ زلزلو ان جي پٺيان ايندو.
قُلُوْبٌ یَّوْمَىِٕذٍ وَّاجِفَةٌۙ۸
ان ڏينهن دليون (خوف ۾) ڌڙڪنديون.