١٧٦ آيتون
النـِّسَآءِالنسآء (عورتون)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اتَّقُوْا رَبَّكُمُ الَّذِیْ خَلَقَكُمْ مِّنْ نَّفْسٍ
اي انسانو! پنهنجي پالڻهار کان ڊڄو جنهن اوهان کي هڪ جان مان پيدا ڪيو ۽
وَّاحِدَةٍ وَّ خَلَقَ مِنْهَا زَوْجَهَا وَ بَثَّ مِنْهُمَا رِجَالًا
ان مان ان جو جوڙ خلقيائين ۽ انهن (ٻنهين) مان گهڻائي مرد ۽ عورتون (جهان
كَثِیْرًا وَّ نِسَآءً١ۚ وَ اتَّقُوا اللّٰهَ الَّذِیْ تَسَآءَلُوْنَ بِهٖ وَ
۾) پکيڙيائين، ۽ ڊڄو ان الله کان جنهن جي نالي تي هڪ ٻئي کان
الْاَرْحَامَ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ كَانَ عَلَیْكُمْ رَقِیْبًا۱
(حق) گُهرندا آهيو ۽ مائٽيون (ڇنڻ کان بچو.) بيشڪ الله اوهان مٿان نگهبان آهي.
وَ اٰتُوا الْیَتٰمٰۤى اَمْوَالَهُمْ وَ لَا تَتَبَدَّلُوا الْخَبِیْثَ
۽ يتيمن کي سندن مال واپس ڏيو ۽ (پنهنجي) خراب مال کي
بِالطَّیِّبِ١۪ وَ لَا تَاْكُلُوْۤا اَمْوَالَهُمْ اِلٰۤى اَمْوَالِكُمْ١ؕ اِنَّهٗ
(يتيم) جي سُٺي مال سان نه مَٽايو ۽ انهن جو مال
كَانَ حُوْبًا كَبِیْرًا۲
پنهنجي مال سان ملائي نه کائو. بلاشڪ اهو وڏو گناھ آهي.
وَ اِنْ خِفْتُمْ اَلَّا تُقْسِطُوْا فِی الْیَتٰمٰى فَانْكِحُوْا مَا
۽ جيڪڏهن اوهان ڊڄو ٿا ته يتيم ڇوڪريُن جي باري ۾ انصاف ڪري نه سگهندؤ ته پوءِ انهن عورتن سان