٦٤ آيتون
النُّوْرِالنور (روشني)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
سُوْرَةٌ اَنْزَلْنٰهَا وَ فَرَضْنٰهَا وَ اَنْزَلْنَا فِیْهَاۤ اٰیٰتٍۭ بَیِّنٰتٍ
(هي) هڪ سورت آهي جنهن کي اسان لاٿو آهي ۽ اسان ان (جي حڪمن) کي فرض
لَّعَلَّكُمْ تَذَكَّرُوْنَ۱
ڪيو آهي ۽ اسان ان ۾ پڌريون آيتون لاٿيون آهن ته جيئن توهان نصيحت حاصل ڪيو.
اَلزَّانِیَةُ وَ الزَّانِیْ فَاجْلِدُوْا كُلَّ وَاحِدٍ مِّنْهُمَا مِائَةَ
زناڪار عورت ۽ زناڪار مرد (غير شادي شده هجن ته) انهن مان هر هڪ کي هڪ
جَلْدَةٍ١۪ وَّ لَا تَاْخُذْكُمْ بِهِمَا رَاْفَةٌ فِیْ دِیْنِ اللّٰهِ اِنْ
سؤ ڪوڙا هڻو ۽ توهان کي انهن ٻنهين تي شرعي حڪم جاري ڪرڻ ۾ رحم نه
كُنْتُمْ تُؤْمِنُوْنَ بِاللّٰهِ وَ الْیَوْمِ الْاٰخِرِ١ۚ وَ لْیَشْهَدْ
اچي جيڪڏهن توهان الله تي ۽ آخرت واري ڏينهن تي ايمان رکو ٿا ۽ انهن
عَذَابَهُمَا طَآىِٕفَةٌ مِّنَ الْمُؤْمِنِیْنَ۲
ٻنهين جي سزا ڏيڻ (واري وقت) تي مؤمنن جي هڪ جماعت کي حاضر هجڻ گهرجي.
اَلزَّانِیْ لَا یَنْكِحُ اِلَّا زَانِیَةً اَوْ مُشْرِكَةً١٘ وَّ الزَّانِیَةُ
زاني مردُ صرف زانياڻي عورت يا مشرڪياڻي عورت سان نڪاح ڪندو ۽
لَا یَنْكِحُهَاۤ اِلَّا زَانٍ اَوْ مُشْرِكٌ١ۚ وَ حُرِّمَ ذٰلِكَ عَلَى
زانياڻي عورت صرف زاني مرد يا مشرڪ مرد سان نڪاح ڪندي،