٤٣ آيتون
الرَّعْدِالرعد (گجگوڙ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
الٓمّٓرٰ١۫ تِلْكَ اٰیٰتُ الْكِتٰبِ١ؕ وَ الَّذِیْۤ اُنْزِلَ اِلَیْكَ مِنْ رَّبِّكَ
الف لام ميم را. هي ڪتاب جون آيتون آهن. ۽ جيڪِي ڪجھ تو ڏانهن تنهنجي پالڻهار جي
الْحَقُّ وَ لٰكِنَّ اَكْثَرَ النَّاسِ لَا یُؤْمِنُوْنَ۱
طرفان نازل ڪيو وڃي ٿو سو حق آهي ۽ پر گھڻا ماڻهو ايمان نه ٿا آڻن.
اَللّٰهُ الَّذِیْ رَفَعَ السَّمٰوٰتِ بِغَیْرِ عَمَدٍ تَرَوْنَهَا ثُمَّ
الله اُهو آهي جنهن آسمانن کي بنا ٿنڀن جي مٿاهون ڪيو آهي جنهن کي اوهان ڏسو ٿا پوءِ اهو
اسْتَوٰى عَلَى الْعَرْشِ وَ سَخَّرَ الشَّمْسَ وَ الْقَمَرَ١ؕ كُلٌّ یَّجْرِیْ
عرش تي قائم ٿيو (يعني پنهنجي تختِ سلطنت تي جلوه گر ٿيو) ۽ سج ۽ چنڊ کي نظام
لِاَجَلٍ مُّسَمًّى١ؕ یُدَبِّرُ الْاَمْرَ یُفَصِّلُ الْاٰیٰتِ لَعَلَّكُمْ بِلِقَآءِ
جو پابند ڪيائين. هر هڪ مقرر مدت لاءِ گشت ڪري ٿو. اهو الله ئي نظام جي تدبير ڪري
رَبِّكُمْ تُوْقِنُوْنَ۲
ٿو پنهنجون نشانيون کولي کولي بيان ڪري ٿو ته جيئن توهان پنهنجي رب جي ملاقات جو يقين ڪيو.
وَ هُوَ الَّذِیْ مَدَّ الْاَرْضَ وَ جَعَلَ فِیْهَا رَوَاسِیَ وَ اَنْهٰرًا١ؕ
اُهو ئي آهي جنهن زمين کي وڇايو ۽ ان ۾ جبل بنايائين ۽ نهرون (وهايائين.)
وَ مِنْ كُلِّ الثَّمَرٰتِ جَعَلَ فِیْهَا زَوْجَیْنِ اثْنَیْنِ یُغْشِی
۽ سڀني ميوَن مان ٻه ٻه جوڙا جوڙا بنايائين اهو رات سان ڏينهن کي ڍڪي