١٤ آيتون
الصَّفِّالصف (قطار)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
سَبَّحَ لِلّٰهِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ١ۚ وَ هُوَ
جو ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جو ڪجھ زمين ۾ آهي سو الله
الْعَزِیْزُ الْحَكِیْمُ۱
جي پاڪائي بيان ڪري ٿو، ۽ اُهو ئي غالب حڪمت وارو آهي.
یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لِمَ تَقُوْلُوْنَ مَا لَا تَفْعَلُوْنَ۲
اي ايمان وارؤ! اوهان اِها ڳالھ (ٻين کي) ڇو ٿا چئو جيڪا توهان پاڻ نه ٿا ڪيو.
كَبُرَ مَقْتًا عِنْدَ اللّٰهِ اَنْ تَقُوْلُوْا مَا لَا تَفْعَلُوْنَ۳
الله وٽ سخت ناپسند آهي جو توهان (ٻين کي) اُها ڳالھ چئو جا توهان پاڻ نه ڪيو.
اِنَّ اللّٰهَ یُحِبُّ الَّذِیْنَ یُقَاتِلُوْنَ فِیْ سَبِیْلِهٖ صَفًّا كَاَنَّهُمْ
بيشڪ الله انهن ماڻهن کي پسند ڪري ٿو جيڪي سندس رستي ۾
بُنْیَانٌ مَّرْصُوْصٌ۴
ائين صفون ٻڌي جنگ ڪن ٿا ڄڻڪ اُهي سيهي پَلٽِيَلَ ديوار آهن.
وَ اِذْ قَالَ مُوْسٰى لِقَوْمِهٖ یٰقَوْمِ لِمَ تُؤْذُوْنَنِیْ وَ قَدْ
۽ (ياد ڪر) موسيٰ جي اها ڳالھ جڏهن ان پنهنجي قوم کي چيو: ”اي منهنجي قوم مون کي ڇو ٿا ڏکويو؟
تَّعْلَمُوْنَ اَنِّیْ رَسُوْلُ اللّٰهِ اِلَیْكُمْ١ؕ فَلَمَّا زَاغُوْۤا اَزَاغَ
حالانڪه توهان پڪ سان ڄاڻو ٿا ته بلاشڪ آءٌ اوهان ڏانهن الله جو موڪليل رسول آهيان“. پوءِ جڏهن اُهي ٽيڙا