١٨٢ آيتون
الصَّافَاتِالصافات (صفون ٻڌندڙ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
وَ الصّٰٓفّٰتِ صَفًّاۙ۱
قسم آهي قطار ڪري صفون ٻَڌَندڙ جماعتن جو.
فَالزّٰجِرٰتِ زَجْرًاۙ۲
پوءِ (براين تي) سختي سان جهڻڪڻ وارين جماعتن جو قسم.
فَالتّٰلِیٰتِ ذِكْرًاۙ۳
پوءِ ڪتابن کي پڙهڻ وارين جماعتن جو قسم.
اِنَّ اِلٰهَكُمْ لَوَاحِدٌؕ۴
بيشڪ توهان جو معبود هڪ ئي آهي.
رَبُّ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ مَا بَیْنَهُمَا وَ رَبُّ الْمَشَارِقِؕ۵
(جيڪو) آسمانن ۽ زمين ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀني جو) مالڪ آهي ۽ جيڪو اُڀرندَن جو مالڪ آهي.
اِنَّا زَیَّنَّا السَّمَآءَ الدُّنْیَا بِزِیْنَةِ اِ۟لْكَوَاكِبِۙ۶
بيشڪ اسان دنيا واري آسمان کي تارن جي سونهن سان سينگاريو آهي.
وَ حِفْظًا مِّنْ كُلِّ شَیْطٰنٍ مَّارِدٍۚ۷
۽ هر سرڪش شيطان کان (ان کي) محفوظ ڪيو آهي.
لَا یَسَّمَّعُوْنَ اِلَى الْمَلَاِ الْاَعْلٰى وَ یُقْذَفُوْنَ مِنْ كُلِّ
اُهي (شيطان) سڀ کان مٿين (مقرب ملائڪن جي) جماعت ڏانهن ڪَنُ به نه