٣٠ آيتون
السَّجْدَةِالسجدة (سجدو)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
الٓمّٓۚ۱
الم لام ميم (هي حروفِ مقطعات آهن هنن جو مقصد، مطلب ۽ راز الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)
تَنْزِیْلُ الْكِتٰبِ لَا رَیْبَ فِیْهِ مِنْ رَّبِّ الْعٰلَمِیْنَؕ۲
(هن) ڪتاب جو نازل ٿيڻ جنهن ۾ ڪو شڪ نه آهي جهانن جي پالڻهار طرفان آهي.
اَمْ یَقُوْلُوْنَ افْتَرٰىهُ١ۚ بَلْ هُوَ الْحَقُّ مِنْ رَّبِّكَ لِتُنْذِرَ
ڇا اهي (ڪافر ۽ مشرڪ) چون ٿا ته ان کي ان (نبي ﷺ) هٿ سان ٺاهيو آهي؟ بلڪه اهو تنهنجي پالڻهار جي پاران حق
قَوْمًا مَّاۤ اَتٰىهُمْ مِّنْ نَّذِیْرٍ مِّنْ قَبْلِكَ لَعَلَّهُمْ یَهْتَدُوْنَ۳
آهي هن لاءِ تون ان قوم کي ڊيڄارين جن وٽ تو کان اڳ ۾ ڪو ڊيڄاريندڙ ڪونه آيو آهي من اُهي هدايت وارا ٿين.
اَللّٰهُ الَّذِیْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ وَ مَا بَیْنَهُمَا فِیْ
الله ئي آهي جنهن آسمانن ۽ زمين ۽ جو ڪجھ انهن ٻنهين جي وچ ۾ آهي (سڀ کي)
سِتَّةِ اَیَّامٍ ثُمَّ اسْتَوٰى عَلَى الْعَرْشِ١ؕ مَا لَكُمْ مِّنْ دُوْنِهٖ
ڇھ ڏينهن ۾ پيدا ڪيو، پوءِ عرش (يعني پنهنجي تختِ سلطنت) تي جلوه گر ٿيو. توهان جي لاءِ
مِنْ وَّلِیٍّ وَّ لَا شَفِیْعٍ١ؕ اَفَلَا تَتَذَكَّرُوْنَ۴
ان کان سواءِ نه ڪو مددگار آهي ۽ نه سفارشي آهي. ڇا پوءِ توهان نصيحت نه ٿا پِرايو؟
یُدَبِّرُ الْاَمْرَ مِنَ السَّمَآءِ اِلَى الْاَرْضِ ثُمَّ یَعْرُجُ اِلَیْهِ
آسمان کان زمين تائين (هر) ڪم جي تدبير ڪري ٿو پوءِ اهو (ڪم) هڪ اهڙي ڏينهن ۾