١٥ آيتون
الشَّمْسِالشمس (سج)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
وَ الشَّمْسِ وَ ضُحٰىهَا۪ۙ۱
قسم آهي سج جو ۽ ان جي سُهائي جو.
وَ الْقَمَرِ اِذَا تَلٰىهَا۪ۙ۲
قسم آهي چنڊ جو جڏهن ان (سج) جي پٺيان اچي.
وَ النَّهَارِ اِذَا جَلّٰىهَا۪ۙ۳
قسم آهي ڏينهن جو جڏهن سج کي ظاهر ڪري ٿو.
وَ الَّیْلِ اِذَا یَغْشٰىهَا۪ۙ۴
قسم آهي رات جو جڏهن سج کي ڍڪي ٿي.
وَ السَّمَآءِ وَ مَا بَنٰىهَا۪ۙ۵
قسم آهي آسمان جو ۽ ان ذات جو جنهن ان کي بنايو آهي.
وَ الْاَرْضِ وَ مَا طَحٰىهَا۪ۙ۶
قسم آهي زمين جو ۽ قسم آهي ان ذات جو جنهن ان کي وڇايو آهي.
وَ نَفْسٍ وَّ مَا سَوّٰىهَا۪ۙ۷
قسم آهي نفس جو ۽ ان ذات جو جنهن ان کي سنواريو آهي.
فَاَلْهَمَهَا فُجُوْرَهَا وَ تَقْوٰىهَا۪ۙ۸
پوءِ ان کي سندس بدڪاري ۽ سندس پرهيزگاري جي سمجھ ڏنائين.