٨ آيتون
اَلَمْ نَشْرَحْالم نشرح (ڇا ڪشادو نه ڪيوسين)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَلَمْ نَشْرَحْ لَكَ صَدْرَكَۙ۱
ڇا اسان تو لاءِ تنهنجو سينو (اسرار ۽ انوار لاءِ) ڪشادو نه ڪيوسين؟
وَ وَضَعْنَا عَنْكَ وِزْرَكَۙ۲
۽ اسان تو تان تنهنجو بار لاهي ڇڏيو.
الَّذِیْۤ اَنْقَضَ ظَهْرَكَۙ۳
جنهن تنهنجي پٺي کي ڳرو ڪيو هيو.
وَ رَفَعْنَا لَكَ ذِكْرَكَؕ۴
۽ اسان تنهنجي خاطر تنهنجو ذڪر بلند ڪيو.
فَاِنَّ مَعَ الْعُسْرِ یُسْرًاۙ۵
پوءِ بيشڪ تنگي سان گڏ آساني آهي.
اِنَّ مَعَ الْعُسْرِ یُسْرًاؕ۶
بيشڪ تنگي سان گڏ آساني آهي.
فَاِذَا فَرَغْتَ فَانْصَبْۙ۷
پوءِ جڏهن تون (نماز کان) واندو ٿين ته (دعا ۾) محنت ڪر.
وَ اِلٰى رَبِّكَ فَارْغَبْ۠۸
۽ پنهنجي پالڻهار جي طرف ئي دل لڳاءِ.