٢٢٧ آيتون
الشُّعَرَآءِالشعرآءِ (شاعري ڪرڻ وارا)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
طٰسٓمّٓ۱
طا سين ميم (هي حروف مقطعات آهن انهن جو اصل مقصد الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا).
تِلْكَ اٰیٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِیْنِ۲
هي (حق کي) پڌرو ڪندڙ ڪتاب جون آيتون آهن.
لَعَلَّكَ بَاخِعٌ نَّفْسَكَ اَلَّا یَكُوْنُوْا مُؤْمِنِیْنَ۳
(اي نبي!) شايد تون پنهنجي جان ڏئي ويهين (هن غم ۾) جو اُهي ايمان آڻڻ وارا نه آهن.
اِنْ نَّشَاْ نُنَزِّلْ عَلَیْهِمْ مِّنَ السَّمَآءِ اٰیَةً فَظَلَّتْ اَعْنَاقُهُمْ
جيڪڏهن اسان چاهيون ها ته انهن تي آسمان مان (اهڙي) نشاني نازل
لَهَا خٰضِعِیْنَ۴
ڪيون ها جو انهن جا ڪنڌ ان جي اڳيان جهُڪيل رهن ها.
وَ مَا یَاْتِیْهِمْ مِّنْ ذِكْرٍ مِّنَ الرَّحْمٰنِ مُحْدَثٍ اِلَّا كَانُوْا
۽ انهن وٽ وڏي رحمان وٽان ڪابه نئين نصيحت نه
عَنْهُ مُعْرِضِیْنَ۵
ٿي اچي مگر هي ان کان منهن موڙيندڙ آهن.
فَقَدْ كَذَّبُوْا فَسَیَاْتِیْهِمْ اَنْۢبٰٓؤُا مَا كَانُوْا بِهٖ
پوءِ بيشڪ انهن ڪوڙو چيو پوءِ جلد انهن وٽ ان