٥٣ آيتون
الشُّوْرٰىالشوريٰ (صلاح مشورو)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
حٰمٓۚ۱
حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هن جي اصلي معنيٰ ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).
عٓسٓقٓ۲
عين سين قاف (هي حروف مقطعات آهن هن جي اصلي معنيٰ ۽ مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).
كَذٰلِكَ یُوْحِیْۤ اِلَیْكَ وَ اِلَى الَّذِیْنَ مِنْ قَبْلِكَ١ۙ اللّٰهُ
اهڙي طرح تو ڏانهن ۽ جيڪي تو کان اڳ (رسول) هئا انهن
الْعَزِیْزُ الْحَكِیْمُ۳
ڏانهن وحي موڪليندو رهيو آهي الله جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.
لَهٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ١ؕ وَ هُوَ الْعَلِیُّ
جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي
الْعَظِیْمُ۴
سو سندس آهي. اُهو ئي بلندي عظمت وارو آهي.
تَكَادُ السَّمٰوٰتُ یَتَفَطَّرْنَ مِنْ فَوْقِهِنَّ وَ الْمَلٰٓىِٕكَةُ یُسَبِّحُوْنَ
قريب آهي جو آسمان پنهنجي مٿان کان ڦاٽي پون ۽ ملائڪ پنهنجي پالڻهار
بِحَمْدِ رَبِّهِمْ وَ یَسْتَغْفِرُوْنَ لِمَنْ فِی الْاَرْضِ١ؕ اَلَاۤ اِنَّ
جي تعريف سان گڏ سندس پاڪائي بيان ڪن ٿا ۽ جيڪي زمين ۾