١٨ آيتون
الْتَغَابُنِالتغابن (کٽڻ هارائڻ جو ڏينھن)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
یُسَبِّحُ لِلّٰهِ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ١ۚ لَهُ
الله جي پاڪائي بيان ڪري ٿي جا شيءِ آسمانن ۾ آهي ۽ جا شيءِ زمين ۾ آهي، ان
الْمُلْكُ وَ لَهُ الْحَمْدُ١٘ وَ هُوَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌ۱
جي بادشاهي آهي ۽ ان جي ئي واکاڻ آهي، اُهو هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
هُوَ الَّذِیْ خَلَقَكُمْ فَمِنْكُمْ كَافِرٌ وَّ مِنْكُمْ مُّؤْمِنٌ١ؕ وَ اللّٰهُ
اُهو ئي آهي جنهن توهان کي پيدا ڪيو پوءِ توهان مان ڪو ڪافر آهي ۽
بِمَا تَعْمَلُوْنَ بَصِیْرٌ۲
توهان مان ڪو ايمان وارو آهي. ۽ الله ڏسندڙ آهي جيڪي توهان ڪم ڪيو ٿا.
خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ بِالْحَقِّ وَ صَوَّرَكُمْ فَاَحْسَنَ
ان آسمانن ۽ زمين کي برحق پيدا ڪيو ۽ ان توهان جون صورتون
صُوَرَكُمْ١ۚ وَ اِلَیْهِ الْمَصِیْرُ۳
بنايون پوءِ توهان جون صورتون سهڻيون بنايائين، ۽ ان ڏانهن موٽڻ آهي.
یَعْلَمُ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ یَعْلَمُ مَا تُسِرُّوْنَ وَ
اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي آسمانن ۽ زمين ۾ آهي (سڀ) کي ۽ ڄاڻي ٿو توهان جيڪي
مَا تُعْلِنُوْنَ١ؕ وَ اللّٰهُ عَلِیْمٌۢ بِذَاتِ الصُّدُوْرِ۴
لڪايو ٿا ۽ جيڪي ظاهر ڪيو ٿا. ۽ الله سينن جي رازن کي ڄاڻڻ وارو آهي.