١٢ آيتون
التَّحْرِيْمِالتحريم (حرام بنائڻ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
یٰۤاَیُّهَا النَّبِیُّ لِمَ تُحَرِّمُ مَاۤ اَحَلَّ اللّٰهُ لَكَ١ۚ تَبْتَغِیْ
اي نبي تون ڇو ان شيءِ کي حرام ڪرين ٿو؟ جا الله تو لاءِ حلال
مَرْضَاتَ اَزْوَاجِكَ١ؕ وَ اللّٰهُ غَفُوْرٌ رَّحِیْمٌ۱
ڪئي آهي، تون پنهنجي گهر واريُن جي مرضي چاهين ٿو. ۽ الله بخشڻهار ٻاجهارو آهي.
قَدْ فَرَضَ اللّٰهُ لَكُمْ تَحِلَّةَ اَیْمَانِكُمْ١ۚ وَ اللّٰهُ مَوْلٰىكُمْ١ۚ
بيشڪ الله توهان جي لاءِ توهان جي قسمن جي پائبندي مان نڪرڻ جو طريقو مقرر
وَ هُوَ الْعَلِیْمُ الْحَكِیْمُ۲
ڪري ڇڏيو آهي، ۽ الله اوهان جو ڪارساز آهي ۽ اهو ڄاڻندڙ حڪمت وارو آهي.
وَ اِذْ اَسَرَّ النَّبِیُّ اِلٰى بَعْضِ اَزْوَاجِهٖ حَدِیْثًا١ۚ فَلَمَّا
۽ جڏهن نبي پنهنجي هڪ گهر وارِيءَ سان راز جي ڳالھ ڪئي، پوءِ جڏهن اُها ان جو ذڪر (ڪنهن ٻئي سان) ڪري ويٺي
نَبَّاَتْ بِهٖ وَ اَظْهَرَهُ اللّٰهُ عَلَیْهِ عَرَّفَ بَعْضَهٗ وَ اَعْرَضَ عَنْۢ
۽ الله نبي تي اها (راز کُلڻَ جي) ڳالھ ظاهر ڪري ڇڏي ته نبي ڪجھ ڳالھ (ان گھرواريءَ سان) بيان ڪيائين ۽
بَعْضٍ١ۚ فَلَمَّا نَبَّاَهَا بِهٖ قَالَتْ مَنْ اَنْۢبَاَكَ هٰذَا١ؕ قَالَ
ڪجھ ڳالھ ڪرڻ کان منهن موڙيائين پوءِ جڏهن ان (گهر واريءَ) کي ڳجهي ڳالھ جي (پڌري ڪري ويهڻ) جي خبر ڏنائين ته
نَبَّاَنِیَ الْعَلِیْمُ الْخَبِیْرُ۳
ان چيو ته تو کي هيءَ ڳالھ ڪنهن ٻڌائي؟ نبي فرمايو ته: ”مون کي علم واري خبر رکڻ واري (الله) ٻڌائي آهي“.