٨ آيتون
التَّڪَاثُرِالتڪاثر (گهڻائي جي چاهت)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَلْهٰىكُمُ التَّكَاثُرُۙ۱
گهڻائي جي چاهت توهان کي غافل ڪيو.
حَتّٰى زُرْتُمُ الْمَقَابِرَؕ۲
ايستائين جو توهان قبرون (وڃي) ڏٺيون.
كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُوْنَۙ۳
يقينًا! توهان جلد ڄاڻي وٺندؤ.
ثُمَّ كَلَّا سَوْفَ تَعْلَمُوْنَؕ۴
وري به يقينًا توهان جلدي ڄاڻي وٺندؤ.
كَلَّا لَوْ تَعْلَمُوْنَ عِلْمَ الْیَقِیْنِؕ۵
هائو جي اگر (دنيا ۾ ئي پنهنجي انجام کي) اوهان يقيني طرح ڄاڻو ها.
لَتَرَوُنَّ الْجَحِیْمَۙ۶
توهان ضرور جهنم کي ڏسندؤ.
ثُمَّ لَتَرَوُنَّهَا عَیْنَ الْیَقِیْنِۙ۷
پوءِ توهان ان کي يقين جي اک سان ڏسندؤ.
ثُمَّ لَتُسْـَٔلُنَّ یَوْمَىِٕذٍ عَنِ النَّعِیْمِ۠۸
پوءِ ان ڏينهن ضرور توهان کان نعمتن جي باري ۾ پڇيو ويندو.