٢٩ آيتون
التَّڪْوِيْرِالتڪوِير (ويڙهجي وڃڻ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِذَا الشَّمْسُ كُوِّرَتْ۪ۙ۱
جڏهن سِجُ ويڙهيو ويندو.
وَ اِذَا النُّجُوْمُ انْكَدَرَتْ۪ۙ۲
۽ جڏهن ستارا ٽڙي پکڙي ويندا.
وَ اِذَا الْجِبَالُ سُیِّرَتْ۪ۙ۳
۽ جڏهن جبل هلايا ويندا.
وَ اِذَا الْعِشَارُ عُطِّلَتْ۪ۙ۴
۽ جڏهن ڏهن مهينن جون حامله ڏاچيون (بي فائده سمجھي) ڇوٽ ڇڏيون وينديون.
وَ اِذَا الْوُحُوْشُ حُشِرَتْ۪ۙ۵
۽ جڏهن جهنگلي جانور گڏ ڪيا ويندا.
وَ اِذَا الْبِحَارُ سُجِّرَتْ۪ۙ۶
۽ جڏهن سمنڊ ٻڙڪايا ويندا.
وَ اِذَا النُّفُوْسُ زُوِّجَتْ۪ۙ۷
۽ جڏهن جانيون (يعني ماڻهو) جوڙا جوڙا ڪيا ويندا.
وَ اِذَا الْمَوْءٗدَةُ سُىِٕلَتْ۪ۙ۸
۽ جڏهن جيئري پوريل نياڻي کان پڇا ڪئي ويندي؟