١٧ آيتون
الطَّارِقِالطارق (رات جو نمودار ٿيندڙ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
وَ السَّمَآءِ وَ الطَّارِقِۙ۱
آسمان جو قسم ۽ رات جو نمودار ٿيڻ واري (ستاري) جو قسم!
وَ مَاۤ اَدْرٰىكَ مَا الطَّارِقُۙ۲
۽ تو کي ڪهڙي خبر ته رات جو نمودار ٿيڻ وارو ڇا آهي؟
النَّجْمُ الثَّاقِبُۙ۳
(اِهو) روشن ستارو آهي.
اِنْ كُلُّ نَفْسٍ لَّمَّا عَلَیْهَا حَافِظٌؕ۴
ته ڪو ماڻهو اهڙو ڪونهي جنهن تي ڪو نگهبان (مقرر) نه هجي.
فَلْیَنْظُرِ الْاِنْسَانُ مِمَّ خُلِقَؕ۵
پوءِ انسان کي ڏسڻ گهرجي ته اُهو ڪهڙي شيءِ مان پيدا ڪيو ويو آهي.
خُلِقَ مِنْ مَّآءٍ دَافِقٍۙ۶
ٽپ سان نڪرندڙ پاڻيءَ مان پيدا ڪيو ويو آهي.
یَّخْرُجُ مِنْۢ بَیْنِ الصُّلْبِ وَ التَّرَآىِٕبِؕ۷
جيڪو پُٺيءَ ۽ ڇاتيءَ جي هڏين جي وچان نڪري ٿو.
اِنَّهٗ عَلٰى رَجْعِهٖ لَقَادِرٌؕ۸
بيشڪ اُهو (الله) ان جي (زندگيءَ کي) وري موٽائڻ تي سگھ رکڻ وارو آهي.