١٢٩ آيتون
التَّوْبَةِالتوبة (معافي)
مدنيبَرَآءَةٌ مِّنَ اللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖۤ اِلَى الَّذِیْنَ عٰهَدْتُّمْ مِّنَ
الله ۽ ان جي رسول طرفان بيزاري (جو اعلان) آهي
الْمُشْرِكِیْنَؕ۱
انهن مشرڪن لاءِ جن سان اوهان معاهدو ڪيو هيو.
فَسِیْحُوْا فِی الْاَرْضِ اَرْبَعَةَ اَشْهُرٍ وَّ اعْلَمُوْۤا اَنَّكُمْ غَیْرُ
پوءِ اوهان چار مهينا زمين ۾ گهمي ڦري وٺو (اي مشرڪو) ۽ ڄاڻو ته اوهان
مُعْجِزِی اللّٰهِ١ۙ وَ اَنَّ اللّٰهَ مُخْزِی الْكٰفِرِیْنَ۲
الله کي عاجز ڪندڙ نه آهيو ۽ بيشڪ الله ڪافرن کي خوار ڪرڻ وارو آهي.
وَ اَذَانٌ مِّنَ اللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖۤ اِلَى النَّاسِ یَوْمَ الْحَجِّ
۽ الله ۽ ان جي رسول پاران ماڻهن ڏانهن وڏي حج واري ڏينهن اعلان
الْاَكْبَرِ اَنَّ اللّٰهَ بَرِیْٓءٌ مِّنَ الْمُشْرِكِیْنَ١ۙ۬ وَ رَسُوْلُهٗ١ؕ
آهي ته: ”بلاشڪ الله مشرڪن کان بيزار آهي ۽ ان جو رسول (ﷺ)
فَاِنْ تُبْتُمْ فَهُوَ خَیْرٌ لَّكُمْ١ۚ وَ اِنْ تَوَلَّیْتُمْ فَاعْلَمُوْۤا
به“. پوءِ جي اوهان توبه ڪئي ته اهو اوهان لاءِ بهتر آهي ۽
اَنَّكُمْ غَیْرُ مُعْجِزِی اللّٰهِ١ؕ وَ بَشِّرِ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا بِعَذَابٍ
جيڪڏهن اوهان مُنهن موڙيو ته پوءِ ڄاڻو ته اوهين الله کي عاجز ڪرڻ