٨ آيتون
الْزِلْزَالِالزلزال (زلزلو اچڻ (قيامت ٿيڻ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِذَا زُلْزِلَتِ الْاَرْضُ زِلْزَالَهَاۙ۱
جڏهن زمين لرزائي ويندي جيئن ان جو لرزڻ مقرر ٿيل آهي.
وَ اَخْرَجَتِ الْاَرْضُ اَثْقَالَهَاۙ۲
۽ زمين پنهنجا ڳرا بار ٻاهر ڪڍندي.
وَ قَالَ الْاِنْسَانُ مَا لَهَاۚ۳
۽ انسان چوندو ته: ”ان کي ڇا ٿيو آهي“؟
یَوْمَىِٕذٍ تُحَدِّثُ اَخْبَارَهَاۙ۴
ان ڏينهن اِها (مٿس رونما ٿيل) پنهنجون سڀ خبرون بيان ڪندي.
بِاَنَّ رَبَّكَ اَوْحٰى لَهَاؕ۵
ان ڪري جو تنهنجي پالڻهار ان کي حڪم ڪيو هوندو.
یَوْمَىِٕذٍ یَّصْدُرُ النَّاسُ اَشْتَاتًا١ۙ۬ لِّیُرَوْا اَعْمَالَهُمْؕ۶
ان ڏينهن ماڻهو (پنهنجي مالڪ جي طرف) مختلف حالتن ۾ موٽندا جيئن سندن عمل کين ڏيکاريا وڃن.
فَمَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ خَیْرًا یَّرَهٗؕ۷
پوءِ جنهن ذري برابر نيڪي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي اجر کي ڏسندو.
وَ مَنْ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّةٍ شَرًّا یَّرَهٗ۠۸
۽ جنهن ذري برابر برائي ڪئي هوندي ته اُهو ان جي بدلي کي ڏسندو.