٨٩ آيتون
الزُّخْرُفِالزخرف (سون)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
حٰمٓۚۛ۱
حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هنن جي اصلي معنيٰ الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) ..
وَ الْكِتٰبِ الْمُبِیْنِۙۛ۲
قسم آهي روشن ڪتاب جو ..
اِنَّا جَعَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِیًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَۚ۳
بيشڪ اسان ان کي عربي زبان جو قرآن بنايو آهي ته جيئن توهان سمجهو.
وَ اِنَّهٗ فِیْۤ اُمِّ الْكِتٰبِ لَدَیْنَا لَعَلِیٌّ حَكِیْمٌؕ۴
۽ بيشڪ اُهو سڀ ڪتابن جي اصل (لوحِ محفوظ) ۾ (لکيل) آهي، اسان وٽ بلند مرتبه حڪمت وارو آهي.
اَفَنَضْرِبُ عَنْكُمُ الذِّكْرَ صَفْحًا اَنْ كُنْتُمْ قَوْمًا مُّسْرِفِیْنَ۵
ڇا اسان اوهان کان بيزار ٿي هي نصيحت (قرآن) موڪلڻ بند ڪري ڇڏيون صرف هن ڪري جو اوهان حد کان لنگهندڙ قوم آهيو.
وَ كَمْ اَرْسَلْنَا مِنْ نَّبِیٍّ فِی الْاَوَّلِیْنَ۶
۽ اڳين قومن ۾ اسان ڪيترائي نبي موڪليا هئا.
وَ مَا یَاْتِیْهِمْ مِّنْ نَّبِیٍّ اِلَّا كَانُوْا بِهٖ یَسْتَهْزِءُوْنَ۷
۽ انهن وٽ ڪوبه نبيءُ نه ٿي آيو مگر ان سان مسخريون ٿي ڪيائون.
فَاَهْلَكْنَاۤ اَشَدَّ مِنْهُمْ بَطْشًا وَّ مَضٰى مَثَلُ الْاَوَّلِیْنَ۸
۽ اسان انهن (مڪي جي مشرڪن) کان تمام ڏاڍن طاقتورن کي هلاڪ ڪيو ۽ اڳين قومن جا مثال گذري چڪا آهن.