٧٥ آيتون
الزُّمَرِالزمر (ٽولا ٽولا)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
تَنْزِیْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِیْزِ الْحَكِیْمِ۱
هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرف کان آهي جيڪو غالب حڪمت وارو آهي.
اِنَّاۤ اَنْزَلْنَاۤ اِلَیْكَ الْكِتٰبَ بِالْحَقِّ فَاعْبُدِ اللّٰهَ مُخْلِصًا
بيشڪ اسان تو ڏانهن (هي) ڪتاب حق سان نازل ڪيو پوءِ تون
لَّهُ الدِّیْنَؕ۲
الله جي عبادت ڪر ان جي لاءِ دين کي خالص بنائيندي.
اَلَا لِلّٰهِ الدِّیْنُ الْخَالِصُ١ؕ وَ الَّذِیْنَ اتَّخَذُوْا مِنْ دُوْنِهٖۤ
خبردار! الله لاءِ ئي خالص دين آهي. ۽ اهي ماڻهو جن الله کان سواءِ (بتن) کي دوست بنايو آهي.
اَوْلِیَآءَ١ۘ مَا نَعْبُدُهُمْ اِلَّا لِیُقَرِّبُوْنَاۤ اِلَى اللّٰهِ
(چون ٿا ته) اسان انهن جي پوڄا صرف هن لاءِ ڪيون ٿا ته اُهي اسان کي الله جي
زُلْفٰى١ؕ اِنَّ اللّٰهَ یَحْكُمُ بَیْنَهُمْ فِیْ مَا هُمْ فِیْهِ
حضور ۾ ويجهو ڪن. بيشڪ الله انهن جي وچ ۾ ان ڳالھ جو فيصلو ڪندو جنهن ۾ اُهي
یَخْتَلِفُوْنَ١ؕ۬ اِنَّ اللّٰهَ لَا یَهْدِیْ مَنْ هُوَ كٰذِبٌ كَفَّارٌ۳
اختلاف ڪندا هئا. بيشڪ الله ان شخص کي هدايت نه ٿو ڏئي جيڪو ڪوڙو، وڏو بي شڪر آهي.
لَوْ اَرَادَ اللّٰهُ اَنْ یَّتَّخِذَ وَلَدًا لَّاصْطَفٰى مِمَّا یَخْلُقُ مَا
جيڪڏهن الله چاهي ها ته ڪنهن کي (پنهنجو) اولاد بنائي ته پنهنجي مخلوق مان جنهن کي چاهي