٤٥ آيتون
فَاطِرٍفاطر(خلقڻھارُ)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ فَاطِرِ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ جَاعِلِ الْمَلٰٓىِٕكَةِ
سڀ تعريفون الله لاءِ آهن جيڪو آسمانن ۽ زمين جو بنائيندڙ آهي ملائڪن کي قاصد بنائڻ وارو
رُسُلًا اُولِیْۤ اَجْنِحَةٍ مَّثْنٰى وَ ثُلٰثَ وَ رُبٰعَ١ؕ یَزِیْدُ فِی
آهي جيڪي ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن ۽ چئن چئن پرن وارا آهن. اهو پنهنجي مخلوق جي
الْخَلْقِ مَا یَشَآءُ١ؕ اِنَّ اللّٰهَ عَلٰى كُلِّ شَیْءٍ قَدِیْرٌ۱
بناوت ۾ جيئن چاهي واڌارو ڪري ٿو. بيشڪ الله هر شيءِ تي سگھ رکڻ وارو آهي.
مَا یَفْتَحِ اللّٰهُ لِلنَّاسِ مِنْ رَّحْمَةٍ فَلَا مُمْسِكَ لَهَا١ۚ وَ
الله انسانن لاءِ رحمت (جي دروازن) مان جيڪي کولي ته ان کي ڪو
مَا یُمْسِكْ١ۙ فَلَا مُرْسِلَ لَهٗ مِنْۢ بَعْدِهٖ١ؕ وَ هُوَ الْعَزِیْزُ
روڪڻ وارو نه آهي ۽ جيڪي روڪي ته ان کان پوءِ ان
الْحَكِیْمُ۲
کي ڪو کولڻ وارو نه آهي ۽ اُهو غالب حڪمت وارو آهي.
یٰۤاَیُّهَا النَّاسُ اذْكُرُوْا نِعْمَتَ اللّٰهِ عَلَیْكُمْ١ؕ هَلْ مِنْ
اي انسانو! پنهنجي مٿان الله جي احسان کي ياد ڪيو. ڇا الله کان سواءِ ڪو
خَالِقٍ غَیْرُ اللّٰهِ یَرْزُقُكُمْ مِّنَ السَّمَآءِ وَ الْاَرْضِ١ؕ لَاۤ
ٻيو پيدا ڪندڙ آهي جيڪو توهان کي آسمان ۽ زمين مان روزي ڏئي؟ ان