٥٤ آيتون
حٰمٓ السَّجْدَةِحٰم السجدة (حٰم سجدو)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
حٰمٓۚ۱
حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هنن جو اصل مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).
تَنْزِیْلٌ مِّنَ الرَّحْمٰنِ الرَّحِیْمِۚ۲
(هي) وڏي مهربان ٻاجهاري (الله) جي طرفان نازل ڪيل آهي.
كِتٰبٌ فُصِّلَتْ اٰیٰتُهٗ قُرْاٰنًا عَرَبِیًّا لِّقَوْمٍ یَّعْلَمُوْنَۙ۳
هڪ ڪتاب آهي جنهن جون آيتون کولي بيان ڪيون ويون آهن (هي) قرآن آهي جو عربي ٻولي ۾ آهي ان قوم لاءِ جي ڄاڻ رکن ٿا.
بَشِیْرًا وَّ نَذِیْرًا١ۚ فَاَعْرَضَ اَكْثَرُهُمْ فَهُمْ لَا یَسْمَعُوْنَ۴
خوشخبري ڏيندڙ ۽ ڊيڄاريندڙ آهي، پوءِ انهن مان گهڻن ماڻهن منهن موڙيو سو اُهي (ان کي) ٻڌن ئي نه ٿا.
وَ قَالُوْا قُلُوْبُنَا فِیْۤ اَكِنَّةٍ مِّمَّا تَدْعُوْنَاۤ اِلَیْهِ وَ فِیْۤ
۽ چون ٿا ته: ”اسان جون دليون پردي ۾ آهن ان ڳالھ کان جنهن ڏانهن تون
اٰذَانِنَا وَقْرٌ وَّ مِنْۢ بَیْنِنَا وَ بَیْنِكَ حِجَابٌ فَاعْمَلْ اِنَّنَا
اسان کي سڏين ٿو ۽ اسان جي ڪنن ۾ ڳرائي آهي ۽ اسان جي ۽ تنهنجي
عٰمِلُوْنَ۵
وچ ۾ پردو آهي پوءِ تون (پنهنجو) ڪم ڪر ۽ اسان (پنهنجو) ڪم ڪرڻ وارا آهيون“.
قُلْ اِنَّمَاۤ اَنَا بَشَرٌ مِّثْلُكُمْ یُوْحٰۤى اِلَیَّ اَنَّمَاۤ اِلٰهُكُمْ
چؤ آءٌ (آدمي هجڻ ۾) اوهان وانگر هڪ بشر ئي آهيان، مون ڏي وحي ڪيو ويندو