٨٥ آيتون
الْمُؤْمِنِالمؤمن (ايمان وارو)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
حٰمٓۚ۱
حا ميم (هي حروف مقطعات آهن هن جي اصلي معنيٰ ۽ مطلب الله ۽ ان جو رسولﷺ ڄاڻن ٿا).
تَنْزِیْلُ الْكِتٰبِ مِنَ اللّٰهِ الْعَزِیْزِ الْعَلِیْمِۙ۲
هن ڪتاب جو نازل ٿيڻ الله جي طرفان آهي جو غالب ڄاڻندڙ آهي.
غَافِرِ الذَّنْۢبِ وَ قَابِلِ التَّوْبِ شَدِیْدِ الْعِقَابِ١ۙ ذِی
گناھ معاف ڪندڙ ۽ توبه قبول ڪندڙ، سخت سزا ڏيندڙ، وڏي انعام وارو آهي. ڪو به
الطَّوْلِ١ؕ لَاۤ اِلٰهَ اِلَّا هُوَ١ؕ اِلَیْهِ الْمَصِیْرُ۳
عبادت جي لائق نه آهي سواءِ ان جي. ان ڏانهن ئي (سڀني جو) موٽڻ آهي.
مَا یُجَادِلُ فِیْۤ اٰیٰتِ اللّٰهِ اِلَّا الَّذِیْنَ كَفَرُوْا فَلَا
الله جي آيتن ۾ ڪو جهڳڙو نه ٿو ڪري سواءِ انهن ماڻهن جي جن ڪفر
یَغْرُرْكَ تَقَلُّبُهُمْ فِی الْبِلَادِ۴
ڪيو، پوءِ انهن ماڻهن جو شهرن ۾ گهمڻ ڦرڻ تو کي ڌوکي ۾ نه وجهي.
كَذَّبَتْ قَبْلَهُمْ قَوْمُ نُوْحٍ وَّ الْاَحْزَابُ مِنْۢ بَعْدِهِمْ١۪ وَ هَمَّتْ
انهن کان اڳ نوح جي قوم ۽ انهن کان پوءِ گهڻين امتن (رسولن کي) ڪوڙو چيو ۽ هر امت پنهنجي رسول
كُلُّ اُمَّةٍۭ بِرَسُوْلِهِمْ لِیَاْخُذُوْهُ وَ جٰدَلُوْا بِالْبَاطِلِ
جي باري ۾ ارادو ڪيو ته ان کي گرفتار ڪن ۽ انهن بي بنياد ڳالهين ذريعي جهڳڙو ڪيو هن لاءِ ته