٥٢ آيتون
اِبْرَاهِيْمَسُوْرَةُ اِبْرَاهِيْمَ
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
الٓرٰ١۫ كِتٰبٌ اَنْزَلْنٰهُ اِلَیْكَ لِتُخْرِجَ النَّاسَ مِنَ الظُّلُمٰتِ
الف لام را. هي ڪتاب آهي جنهن کي اسان تو ڏانهن لاٿو آهي ته جيئن تون ماڻهن کي
اِلَى النُّوْرِ١ۙ۬ بِاِذْنِ رَبِّهِمْ اِلٰى صِرَاطِ الْعَزِیْزِ الْحَمِیْدِۙ۱
سندن پروردگار جي حڪم سان اونداهين مان ڪڍي روشني طرف آڻين. غالب ساراهيل (الله) جي رستي ڏانهن.
اللّٰهِ الَّذِیْ لَهٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ١ؕ وَ
الله اُهو آهي جو جيڪي ڪجھ آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي
وَیْلٌ لِّلْكٰفِرِیْنَ مِنْ عَذَابٍ شَدِیْدِۙ۲
سو سڀ سندس آهي. ۽ ڪافرن لاءِ سخت عذاب جي سبب بربادي آهي.
اِ۟لَّذِیْنَ یَسْتَحِبُّوْنَ الْحَیٰوةَ الدُّنْیَا عَلَى الْاٰخِرَةِ وَ
جيڪي ماڻهو دنيا جي حياتيءَ کي آخرت جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پسند
یَصُدُّوْنَ عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ وَ یَبْغُوْنَهَا عِوَجًا١ؕ اُولٰٓىِٕكَ فِیْ
ڪن ٿا ۽ الله جي راھ کان روڪن ٿا ۽ ان
ضَلٰلٍۭ بَعِیْدٍ۳
۾ ڏنگائي چاهن ٿا. اهي گمراهي ۾ پري پئجي ويا آهن.
وَ مَاۤ اَرْسَلْنَا مِنْ رَّسُوْلٍ اِلَّا بِلِسَانِ قَوْمِهٖ لِیُبَیِّنَ
۽ اسان ڪو به رسول نه موڪليو مگر سندس قوم جي زبان ۾ هن لاءِ