٩٨ آيتون
مَرْيَمَسُوْرَةُ مَرْيَمَ
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
كٓهٰیٰعٓصٓ۫ۚ۱
ڪاف، ها، يا، عين، صاد. (هي حروف مطقعات آهن هنن جو اصلي مقصد الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا)
ذِكْرُ رَحْمَتِ رَبِّكَ عَبْدَهٗ زَكَرِیَّاۖۚ۲
(هي) تنهنجي پروردگار جي رحمت جو ذڪر آهي (جيڪا) پنهنجي ٻانهي زڪريا تي ڪيائين.
اِذْ نَادٰى رَبَّهٗ نِدَآءً خَفِیًّا۳
جڏهن ان پنهنجي پالڻهار کي ڳُجھي طرح سڏيو.
قَالَ رَبِّ اِنِّیْ وَهَنَ الْعَظْمُ مِنِّیْ وَ اشْتَعَلَ الرَّاْسُ شَیْبًا
چيائين: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ منهنجي جسم جون هڏيون ڪمزور ٿي ويون ۽ مٿو ڪراڙپ سبب شعلي وانگر چمڪي
وَّ لَمْ اَكُنْۢ بِدُعَآىِٕكَ رَبِّ شَقِیًّا۴
(سفيد ٿي) ويو ۽ اي منهنجا مالڪ آءٌ ڪڏهن به تو کان دعا گهري محروم نه ٿيو آهيان.
وَ اِنِّیْ خِفْتُ الْمَوَالِیَ مِنْ وَّرَآءِیْ وَ كَانَتِ امْرَاَتِیْ
۽ آءٌ پنهنجي (لاڏاڻي) بعد پنهنجي (بي دين) رشتيدارن کان ڊڄان ٿو ۽ منهنجي
عَاقِرًا فَهَبْ لِیْ مِنْ لَّدُنْكَ وَلِیًّاۙ۵
زال سَنڍ آهي. سو تون مون کي پاڻ وٽان وارث (پُٽ) عطا ڪر.
یَّرِثُنِیْ وَ یَرِثُ مِنْ اٰلِ یَعْقُوْبَ١ۖۗ وَ اجْعَلْهُ رَبِّ رَضِیًّا۶
جيڪو منهنجو وارث بنجي ۽ يعقوب جي گھراڻي جو وارث بنجي ۽ اي منهنجا پروردگار! تون ان کي پسنديده (شخصيت) بناءِ“.