٣٨ آيتون
مُحَمَّدٍسُوْرَةُ مُحَمَّدٍ
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَلَّذِیْنَ كَفَرُوْا وَ صَدُّوْا عَنْ سَبِیْلِ اللّٰهِ اَضَلَّ اَعْمَالَهُمْ۱
جن ماڻهن ڪفر ڪيو ۽ (ٻين کي) الله جي رستي کان روڪيائون (الله) انهن جي عملن کي برباد ڪري ڇڏيو.
وَ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ وَ اٰمَنُوْا بِمَا نُزِّلَ
۽ جن ماڻهن ايمان آندو ۽ چڱا عمل ڪيائون ۽ ان (قرآن) تي ايمان آندائون جيڪو
عَلٰى مُحَمَّدٍ وَّ هُوَ الْحَقُّ مِنْ رَّبِّهِمْ١ۙ كَفَّرَ عَنْهُمْ سَیِّاٰتِهِمْ
محمد (ﷺ) تي نازل ڪيو ويو آهي اُهو ئي سندن پالڻهار پاران سچ آهي، الله
وَ اَصْلَحَ بَالَهُمْ۲
انهن جون برايون انهن (جي اعمال نامي) تان ميٽائي ڇڏيون ۽ سندن حالُ سنواري ڇڏيائين.
ذٰلِكَ بِاَنَّ الَّذِیْنَ كَفَرُوا اتَّبَعُوا الْبَاطِلَ وَ اَنَّ الَّذِیْنَ
اُهو هن ڪري جو ڪافرن ڪوڙ جي پيروي ڪئي ۽ بيشڪ جن
اٰمَنُوا اتَّبَعُوا الْحَقَّ مِنْ رَّبِّهِمْ١ؕ كَذٰلِكَ یَضْرِبُ اللّٰهُ
ايمان آندو تن ان سچ جي پيروي ڪئي جيڪو سندن پالڻهار پاران
لِلنَّاسِ اَمْثَالَهُمْ۳
آهي. اهڙي طرح الله ماڻهن لاءِ انهن جا احوال بيان ڪري ٿو.
فَاِذَا لَقِیْتُمُ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا فَضَرْبَ الرِّقَابِ١ؕ حَتّٰۤى اِذَاۤ
پوءِ جڏهن توهان جو مقابلو ڪافرن سان ٿئي ته (جنگ دوران) انهن جا ڪنڌ ڪپيو. ايستائين جو جڏهن انهن کي چڱي طرح قتل