٢٨ آيتون
نُوْحٍسُوْرَةُ نُوْحٍ
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اِنَّاۤ اَرْسَلْنَا نُوْحًا اِلٰى قَوْمِهٖۤ اَنْ اَنْذِرْ قَوْمَكَ مِنْ قَبْلِ
بيشڪ اسان نوح کي سندس قوم ڏانهن موڪليو ته تون پنهنجي قوم
اَنْ یَّاْتِیَهُمْ عَذَابٌ اَلِیْمٌ۱
کي ڊيڄار ان کان اڳ جو انهن کي دردناڪ عذاب اچي پهچي.
قَالَ یٰقَوْمِ اِنِّیْ لَكُمْ نَذِیْرٌ مُّبِیْنٌۙ۲
(نوح) چيو: ”اي منهنجي قوم! بيشڪ آءٌ اوهان لاءِ پڌرو ڊيڄاريندڙ (نبي) آهيان.
اَنِ اعْبُدُوا اللّٰهَ وَ اتَّقُوْهُ وَ اَطِیْعُوْنِۙ۳
ته توهان الله جي عبادت ڪيو، ۽ ان کان ڊڄو ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪيو.
یَغْفِرْ لَكُمْ مِّنْ ذُنُوْبِكُمْ وَ یُؤَخِّرْكُمْ اِلٰۤى اَجَلٍ مُّسَمًّى١ؕ اِنَّ
ته اُهو توهان جا گناھ بخشي ڇڏيندو ۽ توهان کي مقرر ڪيل مدت تائين مهلت ڏيندو. بيشڪ الله
اَجَلَ اللّٰهِ اِذَا جَآءَ لَا یُؤَخَّرُ١ۘ لَوْ كُنْتُمْ تَعْلَمُوْنَ۴
جو مقرر ڪيل وقت جڏهن اچي ٿو ته پوئتي نه ٿو ڪيو وڃي، هائو جي توهان ڄاڻو ها“.
قَالَ رَبِّ اِنِّیْ دَعَوْتُ قَوْمِیْ لَیْلًا وَّ نَهَارًاۙ۵
(نوح) چيو ته: ”اي منهنجا پالڻهار! بيشڪ مون پنهنجي قوم کي رات ۽ ڏينهن سڏيو.
فَلَمْ یَزِدْهُمْ دُعَآءِیْۤ اِلَّا فِرَارًا۶
پر منهنجي سڏڻ انهن جي لاءِ سواءِ ڀڄڻ جي ٻيو ڪجھ نه وڌايو.