٤٥ آيتون
قٓسُوْرَةُ قٓ
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
قٓ١ۚ۫ وَ الْقُرْاٰنِ الْمَجِیْدِۚ۱
قاف (حقيقي معنيٰ الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا) قسم آهي قرآن جو جيڪو وڏي شان وارو آهي.
بَلْ عَجِبُوْۤا اَنْ جَآءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ فَقَالَ الْكٰفِرُوْنَ هٰذَا
پر انهن کي عجب ٿيو آهي ته انهن وٽ انهن مان هڪ
شَیْءٌ عَجِیْبٌۚ۲
ڊيڄاريندڙ آيو آهي، سو ڪافرن چيو ته هي عجيب شيءِ آهي.
ءَاِذَا مِتْنَا وَ كُنَّا تُرَابًا١ۚ ذٰلِكَ رَجْعٌۢ بَعِیْدٌ۳
ڇا جڏهن اسان مرنداسين ۽ مٽي ٿي وينداسين (تڏهن وري جيئرا ٿينداسين؟) اِهو موٽڻ (عقل کان) پري آهي.
قَدْ عَلِمْنَا مَا تَنْقُصُ الْاَرْضُ مِنْهُمْ١ۚ وَ عِنْدَنَا كِتٰبٌ
(حالانڪه) بيشڪ اسان ڄاڻون ٿا جيڪو زمين انهن (جي جسمن کي کائِي) گهٽائي
حَفِیْظٌ۴
ٿي، ۽ اسان وٽ هڪ ڪتاب آهي جو سڀ ڪجھ) ياد رکندڙ آهي.
بَلْ كَذَّبُوْا بِالْحَقِّ لَمَّا جَآءَهُمْ فَهُمْ فِیْۤ اَمْرٍ مَّرِیْجٍ۵
بلڪه انهن سچي ڳالھ (قرآن) کي ڪوڙو چيو جڏهن اُهو انهن وٽ آيو پوءِ اُهي خود مونجهاري واري ڳالھ ۾ آهن.
اَفَلَمْ یَنْظُرُوْۤا اِلَى السَّمَآءِ فَوْقَهُمْ كَیْفَ بَنَیْنٰهَا وَ
ڇا انهن آسمان کي پنهنجي مٿان نه ڏٺو آهي؟ ته اسان ان کي ڪيئن بنايو