٥٤ آيتون
سَبَاٍسباٍ (سبا جي قوم)
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
اَلْحَمْدُ لِلّٰهِ الَّذِیْ لَهٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ
سڀ تعريفون الله لاءِ آهن سڀ ڪجھ سندس آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾
وَ لَهُ الْحَمْدُ فِی الْاٰخِرَةِ١ؕ وَ هُوَ الْحَكِیْمُ الْخَبِیْرُ۱
آهي. ۽ آخرت ۾ به تعريف ان جي لاءِ آهي. ۽ اُهو حڪمت وارو با خبر آهي.
یَعْلَمُ مَا یَلِجُ فِی الْاَرْضِ وَ مَا یَخْرُجُ مِنْهَا وَ مَا
اُهو ڄاڻي ٿو جيڪي زمين ۾ داخل ٿئي ٿو ۽ جيڪي ان
یَنْزِلُ مِنَ السَّمَآءِ وَ مَا یَعْرُجُ فِیْهَا١ؕ وَ هُوَ الرَّحِیْمُ
مان ٻاهر نڪري ٿو ۽ جيڪي آسمان مان لهي ٿو ۽ جيڪي
الْغَفُوْرُ۲
ان ۾ چڙهي ٿو. ۽ اُهو وڏي ٻاجھ وارو بخشڻهار آهي.
وَ قَالَ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا لَا تَاْتِیْنَا السَّاعَةُ١ؕ قُلْ بَلٰى وَ
۽ ڪافر چون ٿا ته: ”اسان تي قيامت ڪانه ايندي“. چؤ: ”هائو مون کي منهنجي غيب جي
رَبِّیْ لَتَاْتِیَنَّكُمْ١ۙ عٰلِمِ الْغَیْبِ١ۚ لَا یَعْزُبُ عَنْهُ مِثْقَالُ
ڄاڻڻ واري پروردگار جو قسم ته اُها توهان تي ضرور ايندي، ان کان ذري برابر ڪا شيءِ
ذَرَّةٍ فِی السَّمٰوٰتِ وَ لَا فِی الْاَرْضِ وَ لَاۤ اَصْغَرُ مِنْ ذٰلِكَ
غائب ٿي نه ٿي سگهي نه آسمانن ۾ ۽ نه زمين ۾ ۽ نه ان (ذري کان)