٨٨ آيتون
صٓسُوْرَةُ صٓ
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
صٓ وَ الْقُرْاٰنِ ذِی الذِّكْرِؕ۱
ص (حقيقي معنيٰ الله ۽ ان جو رسول ڄاڻن ٿا) قسم آهي نصيحت ڀرئي قرآن جو.
بَلِ الَّذِیْنَ كَفَرُوْا فِیْ عِزَّةٍ وَّ شِقَاقٍ۲
بلڪه اهي ماڻهو جن ڪفر ڪيو سي غرور ۽ مخالفت ۾ (پِيَلَ) آهن.
كَمْ اَهْلَكْنَا مِنْ قَبْلِهِمْ مِّنْ قَرْنٍ فَنَادَوْا وَّ لَاتَ حِیْنَ
اسان ڪيترين ئي امتن کي انهن کان اڳ هلاڪ ڪيو پوءِ
مَنَاصٍ۳
(عذاب ڏسي) دانهون ڪيائون حالانڪه اهو وقت ڇوٽڪاري جو نه هيو.
وَ عَجِبُوْۤا اَنْ جَآءَهُمْ مُّنْذِرٌ مِّنْهُمْ١٘ وَ قَالَ الْكٰفِرُوْنَ
۽ عجب ڪيائون هن ڳالھ جو ته انهن وٽ انهن مان ئي
هٰذَا سٰحِرٌ كَذَّابٌۖۚ۴
هڪ ڊيڄاريندڙ آيو، ۽ ڪافرن چيو ته: ”هي جادوگر آهي ڪوڙو آهي.
اَجَعَلَ الْاٰلِهَةَ اِلٰهًا وَّاحِدًا١ۖۚ اِنَّ هٰذَا لَشَیْءٌ عُجَابٌ۵
ڇا ان سڀ معبودن جو هڪ ئي معبود بنايو آهي. بيشڪ اها وڏي عجب جي ڳالھ آهي“.
وَ انْطَلَقَ الْمَلَاُ مِنْهُمْ اَنِ امْشُوْا وَ اصْبِرُوْا عَلٰۤى
۽ انهن مان سردار هي چوندا اٿي هليا ته: ”هلو پنهنجي معبودن (جي