١٣٥ آيتون
طٰهٰسُوْرَةُ طٰهٰ
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
طٰهٰۚ۱
طاها (هي حُروفِ مقطعات آهن هنن جو مطلب الله ۽ ان جو رسول ﷺ ڄاڻن ٿا).
مَاۤ اَنْزَلْنَا عَلَیْكَ الْقُرْاٰنَ لِتَشْقٰۤىۙ۲
(اي نبيءِ محترم!) اسان تو تي قرآن هن لاءِ نه لاٿو آهي ته تون تڪليف ۾ پئجي وڃين.
اِلَّا تَذْكِرَةً لِّمَنْ یَّخْشٰىۙ۳
مگر هڪ نصيحت آهي ان ماڻهو لاءِ جيڪو (الله کان) ڊڄي ٿو.
تَنْزِیْلًا مِّمَّنْ خَلَقَ الْاَرْضَ وَ السَّمٰوٰتِ الْعُلٰىؕ۴
ان (الله) جي طرفان لاٿل آهي جنهن زمين کي ۽ بلند آسمانن کي پيدا ڪيو آهي.
اَلرَّحْمٰنُ عَلَى الْعَرْشِ اسْتَوٰى۵
(اُهو) وڏو مهربان آهي جو (ڪائنات جي) تختِ سلطنت تي جلوه فرما آهي.
لَهٗ مَا فِی السَّمٰوٰتِ وَ مَا فِی الْاَرْضِ وَ مَا بَیْنَهُمَا وَ
(سڀ) سندس آهي جيڪي آسمانن ۾ آهي ۽ جيڪي زمين ۾ آهي ۽ جيڪي انهن ٻنهين جي
مَا تَحْتَ الثَّرٰى۶
وچ ۾ آهي ۽ جيڪي آلي مِٽِي (يعني زمين جي هيٺئين آخري تھ) جي هيٺان آهي.
وَ اِنْ تَجْهَرْ بِالْقَوْلِ فَاِنَّهٗ یَعْلَمُ السِّرَّ وَ اَخْفٰى۷
۽ جي تون ڳالھ ڏاڍيان ڪرين (يا آهستي) ته بيشڪ اهو (هر) ڳُجھ ۽ لِڪل شيءِ کي ڄاڻي ٿو.