٨٣ آيتون
يٰسٓسُوْرَةُ يٰسٓ
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
یٰسٓۚ۱
ياسين (هي حروف مقطعات آهن هن جو مطلب الله ۽ ان جو رسول (ﷺ) ڄاڻن ٿا).
وَ الْقُرْاٰنِ الْحَكِیْمِۙ۲
قسم آهي حڪمت واري قرآن جو.
اِنَّكَ لَمِنَ الْمُرْسَلِیْنَۙ۳
بيشڪ تون رسولن مان آهين.
عَلٰى صِرَاطٍ مُّسْتَقِیْمٍؕ۴
تون سڌي رستي تي (قائم) آهين.
تَنْزِیْلَ الْعَزِیْزِ الرَّحِیْمِۙ۵
وڏي عزت واري ٻاجهاري (الله) جو نازل ڪيل آهي.
لِتُنْذِرَ قَوْمًا مَّاۤ اُنْذِرَ اٰبَآؤُهُمْ فَهُمْ غٰفِلُوْنَ۶
هن لاءِ تون اهڙي قوم کي ڊيڄارين جن جي ابن ڏاڏن کي نه ڊيڄاريو ويو هيو پوءِ اُهي غافل آهن.
لَقَدْ حَقَّ الْقَوْلُ عَلٰۤى اَكْثَرِهِمْ فَهُمْ لَا یُؤْمِنُوْنَ۷
بيشڪ انهن مان گهڻن ماڻهن تي فرمان (سچو) ثابت ٿي چڪو آهي سو اُهي ايمان نه آڻيندا.
اِنَّا جَعَلْنَا فِیْۤ اَعْنَاقِهِمْ اَغْلٰلًا فَهِیَ اِلَى الْاَذْقَانِ
بيشڪ اسان انهن جي ڳچين ۾ ڳٽ وجهي ڇڏيا آهن پوءِ