١٠٩ آيتون
يُوْنُسَسُوْرَةُ يُوْنُسَ
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
الٓرٰ١۫ تِلْكَ اٰیٰتُ الْكِتٰبِ الْحَكِیْمِ۱
الف لام را. (هي) ان ڪتاب جون آيتون آهن جو حڪمت وارو آهي.
اَكَانَ لِلنَّاسِ عَجَبًا اَنْ اَوْحَیْنَاۤ اِلٰى رَجُلٍ مِّنْهُمْ اَنْ
ڇا ماڻهن لاءِ هيءَ ڳالھ عجيب آهي؟ جو اسان انهن مان هڪ مرد ڏانهن وحي ڪئي ته:
اَنْذِرِ النَّاسَ وَ بَشِّرِ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْۤا اَنَّ لَهُمْ قَدَمَ صِدْقٍ
”تون (بي فرمان) ماڻهن کي ڊيڄار ۽ جن ماڻهن ايمان آندو تن کي خوشخبري ڏي ته بيشڪ
عِنْدَ رَبِّهِمْ١ؔؕ قَالَ الْكٰفِرُوْنَ اِنَّ هٰذَا لَسٰحِرٌ مُّبِیْنٌ۲
انهن لاءِ سندن رب وٽ اعليٰ مرتبا آهن“. ڪافرن چيو ته: ”بلاشڪ هي چِٽو پِٽو جادوگر آهي“.
اِنَّ رَبَّكُمُ اللّٰهُ الَّذِیْ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ فِیْ سِتَّةِ
بيشڪ توهان جو پالڻهار الله آهي جنهن آسمانن ۽ زمين کي ڇهن ڏينهن ۾ پيدا ڪيو
اَیَّامٍ ثُمَّ اسْتَوٰى عَلَى الْعَرْشِ یُدَبِّرُ الْاَمْرَ١ؕ مَا مِنْ
پوءِ عرش تي قائم ٿيو (يعني پنهنجي تختِ سلطنت تي جلوه گر ٿيو) هر ڪم جي
شَفِیْعٍ اِلَّا مِنْۢ بَعْدِ اِذْنِهٖ١ؕ ذٰلِكُمُ اللّٰهُ رَبُّكُمْ
رٿابندي ڪري ٿو. سندس اجازت بنا ڪو به سفارش ڪندڙ نه آهي. اُهو الله اوهان جو
فَاعْبُدُوْهُ١ؕ اَفَلَا تَذَكَّرُوْنَ۳
پالڻهار آهي پوءِ اوهان ان جي عبادت ڪيو. ڇا پوءِ به اوهان نصيحت نه ٿا پرايو؟