١١١ آيتون
يُوْسُفُسُوْرَةُ يُوْسُفُ
مدنيبِسْمِ اللهِ الرَّحْمٰنِ الرَّحِيْمِ
الٓرٰ١۫ تِلْكَ اٰیٰتُ الْكِتٰبِ الْمُبِیْنِ۫۱
الف لام را. هي روشن ڪتاب جون آيتون آهن.
اِنَّاۤ اَنْزَلْنٰهُ قُرْءٰنًا عَرَبِیًّا لَّعَلَّكُمْ تَعْقِلُوْنَ۲
بيشڪ اسان هن کي قرآن بنائي عربيءَ ۾ لاٿو آهي ته جيئن توهان سمجهو.
نَحْنُ نَقُصُّ عَلَیْكَ اَحْسَنَ الْقَصَصِ بِمَاۤ اَوْحَیْنَاۤ اِلَیْكَ هٰذَا
(اي نبي!) اسان تو کي هڪ تمام سهڻو قصو ٻڌايون ٿا هن قرآن جي ذريعي جيڪو اسان تو
الْقُرْاٰنَ١ۖۗ وَ اِنْ كُنْتَ مِنْ قَبْلِهٖ لَمِنَ الْغٰفِلِیْنَ۳
ڏي وحي ڪيو آهي ۽ توڙي جو هن کان اڳ تون (هن واقعي کان) بي خبرن مان هئين.
اِذْ قَالَ یُوْسُفُ لِاَبِیْهِ یٰۤاَبَتِ اِنِّیْ رَاَیْتُ اَحَدَ عَشَرَ
(ان وقت جي ڳالھ آهي) جڏهن يوسف پنهنجي پيءُ کي چيو: ”اي بابا مون (سپني) ۾ يارهن
كَوْكَبًا وَّ الشَّمْسَ وَ الْقَمَرَ رَاَیْتُهُمْ لِیْ سٰجِدِیْنَ۴
ستارا ۽ سج ۽ چنڊ ڏٺا آهن انهن کي ڏسان ٿو ته مون کي سجدو ڪندڙ آهن“.
قَالَ یٰبُنَیَّ لَا تَقْصُصْ رُءْیَاكَ عَلٰۤى اِخْوَتِكَ فَیَكِیْدُوْا لَكَ
چيائين: ”اي منهنجا ٻچڙا! پنهنجو اِهو خواب ڀائرن سان بيان نه ڪجانءِ نه
كَیْدًا١ؕ اِنَّ الشَّیْطٰنَ لِلْاِنْسَانِ عَدُوٌّ مُّبِیْنٌ۵
ته توسان فريب ڪاري ڪندا. بيشڪ شيطان انسان جو چِٽو دشمن آهي.